اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪامي??بي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊ??نگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ?? آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪامي??بي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چين جي سفير جي نگران وزيراعظم سان پاڪستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگران وزيراعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Consensus reached on amendments to commission for minorities rights bill
-
PM Shehbaz pushes for cashless future
-
Pakistan wants stable, secure Afghanistan, says PM Abbasi
-
Muharram chand 2022: Ruet-e-Hilal Committee to meet today
-
MT آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
فینکس رائز آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس کا افتتاح
-
فروٹ کینڈی ایماندار بیٹنگ پلیٹ فارم
-
Jixiang Longhu تفریحی پلیٹ فارم قابل اعتماد
-
China demands security for its nationals
-
Pakistani-Americans stage demonstration in US against Altaf Hussain
-
Modi blames Pakistan for harbouring terrorism in G-20 summit