ڪراچي – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??شورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن، قومي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، تيزي سان واڌويجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوامي سطح تي بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي ا??شورنس محتسب سيڪريٽريٽ جي ا??تمام هيٺ ”انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۾ محتسب جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پنهنجي سوشل سيفٽي نيٽ، سرڪاري شعبي ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ معاوضي جي شڪل ۾ سماجي تحفظ ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر ملڪ جي پوري آبادي کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته صحت جا خرچ خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ ملڪ ۾ هيلٿ انشورنس جي خدمتن جا وسيع امڪان موجود آهن ڇو ته اهي خدمتون نه رڳو موجوده خال کي ڀري سگهن ٿيون پر ضرورت جي وقت تمام گهڻي ا??ميت به اختيار ڪري سگهن ٿيون. زرعي ??عبي جي لاءِ بيمي خدمتن جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته زراعت معيشت جو هڪ ٻيو اهم شعبو آهي جنهن ۾ انشورنس جون خدمتون ۽ مصنوعات محدود آهن جڏهن ته ان حوالي سان اڳڀرائي پڻ سست رفتاري جو شڪار آهي. تيزي سان ترقي ڪندڙ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندي عوام جي ا??شورنس تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو جڏهن ته عوام جي شڪايتن ۽ فيڊ بيڪ جي لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته انشورنس ڪمپنين کي عوام ۾ پنهنجو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ۽ ??ڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر انشورنس ڪمپنين جي خلاف عوامي شڪايتن جي وقت سر حل ۾ وفاقي ا??شورنس محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته قانوني چاره جوئي بدران ثالثي جي ذريعي ??ڪرارن جي حل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. ان کان اڳ وفاقي ا??شورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ايف آئي ا?? سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي روشني وجهندي ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيل مالياتي ريليف جو ڪاٿو 2019ع ۾ 410 ملين رپيا هو جيڪو 2022ع ۾ 2.54 ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ عدالتي ڪارروائي بدران ثالثي جو طريقو اختيار ڪرڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Punjab information minister Uzma Bukhari applauds 365 news’ editorial policy during visit
-
Legacy of Death Entertainment Ka Rasmi Dakhla
-
Elements in London and Geneva conspiring against Pakistan: army
-
Lack of manners: Passengers litter PIA premier aircraft
-
Fatemi terms Indian brutality in Kashmir as crime against humanity
-
Rail transport to be restored after gap of ten years in Sibi, Khost
-
MPAs end assembly boycott in Pakhtunkhwa
-
Butterfly Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
ایم جی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس اور ان کے استعمال کی مکمل گائیڈ
-
امریکی بلیک جیک آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
لکی ماؤس آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور اس کی خصوصیات
-
BGN Electronic آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کی دنیا میں ایک نئی انقلاب